تڻوٽ جو تڙ

تڻوٽ جو تڙ: اٻاوڙي تعلقي، ضلعي گهوٽڪيءَ جي دنگ سان جيسلمير جي حد ۾ هڪ تڙ آهي، جنهن کي تڻوٽ جو تڙ سڏيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچرهاڻ هيرن کاڻ“، جلد نائين ۾ هن تڙ بابت هڪ قديم بيت ڏنو آهي:
اصل تڙ تڻوٽ هو، پوءِ کــوهه کـڄـي کارو،
خـيـــر ڳــڙهـه، کيــنجهــو، ٽـيو تڙ سُتيارو،
ديـــهه ڏيــــو ٿـَــري، پـتــڻ پيــنگهـارو،
ڍنڍَ کيروهي، تڏهن هو سهڻي ميهار جو وارو.
کارو کوهه، کينجهو، پينگهارو ۽ ڍنڍ کيروهي به آسپاس جا تاريخي هنڌ آهن.


لفظ تڻوٽ جو تڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو